تازہ ترين

3/24/2020

ڪورونا وائرس: پنجاب ميٽرو بس سروس معطل

ڪورونا وائرس: پنجاب ميٽرو بس سروس معطل

راولپنڊي: ڪورونا وائرس  جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي پنجاب حڪومت
 ميٽرو بس سروس عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي.ان حوالي سان ميٽرو بسون لاڳاپيل اڏن تي بيهاريون ويون آهن. راولپنڊي جي مئنيجر آپريشن شمائله محسن جو چوڻ آهي ته ميٽرو بس سروس جي بندش پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي حڪمن تي ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن صرف 20 هزار مسافرن ميٽرو بس جي ذريعي جاڙن شهرن جو سفر ڪيو جڏھن تہ صرف جاڙن شهرن راولپنڊي، اسلام آباد جي وچ ۾ روزانو هڪ لک پندرنهن کان هڪ لک 25 هزار مسافر روزاني سفر ڪندا هئا جيڪي ڪورونا وائرس کان پوءِ جي صورتحال ۾ انتهائي گهٽ ٿي ويا آھن. ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ پنجاب ميٽرو بس سروس ايندڙ حڪمن تائين بند رهندي

No comments:

Post a Comment

Post Top Ad

Your Ad Spot