تازہ ترين

3/24/2020

ڪروناوائرس: ملڪ ۾ مريضن جو تعداد 990 ٿي ويو


ڪروناوائرس: ملڪ ۾ مريضن جو تعداد 990 ٿي ويو

ڪراچي: 11 نوان ڪيس رجسٽرڊ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪروناوائرس جي مريضن جو
 تعداد 410 ٿي ويو. لوڪل ٽرانسميشن سبب وڌيڪ 3 نوان ڪيس سامھون آيا آھن. سکر جي زائرين مان 265 ڄڻن کي ڪوروناوائرس جي تصديق ٿي چڪي آھي، ھڪ ڪيس دادو ۾ رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪروناوائرس جي مريضن جو تعداد 410 ٿي ويو.
جڏھن تہ ڪي پي ڪي ۾ 40، پنجاب ۾ 29، بلوچستان ۾ 110، گلگت بلتستان 80، اسلام آباد ۾ 15 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 1 ڪيس ظاھر ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪروناوائرس ۾ مبتلا مريضن جو تعداد 990 ٿي ويو.
 لاهور جي ميئو اسپتال ۾ علاج هيٺ 57 سالن جو شهري ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويوجنھن کانپوءِ پوري ملڪ ۾ مجموعي طور فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي.

No comments:

Post a Comment

Post Top Ad

Your Ad Spot