سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير ناصر حسين شاهہ موجب صوبي ۾ صبح
8 وڳي کان شام 8 وڳي تائين موثر لاڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير ناصر
حسين شاھ جي چوڻ مطابق شام 8 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ريزڪي جا
دڪان بند رهندا. جڏهن ته اسپتال 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا رهندا، جڏھن تہ ميڊيڪل اسٽورن تي
اھيا پابندي لاڳو نہ ٿيندي. سنڌ جي سڌ سماءُ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهہ موجب
سنڌ جي وڏي وزير بينڪن کي ضروري برانچز کولڻ جي اجازت ڏني آھي. ان کان اڳ صوبائي وزير
عوام جي طرفان لاڪ ڊائون کي سنجيده نه وٺڻ جي صورت ۾ ڪرفيو لڳائڻ جو اشارو به ڏنو هو.
3/24/2020
سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو: ناصر حسين شاھ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment