پشاور: انتظاميه موجب 5 يا 5 کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيڻ تي پابندي
لاڳو ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه احتياطي تدبيرن جي طور تي مختلف تقريبون، پروگرام، مجلسون،
جلسا، ميلا ۽ عوامي ميڙن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي
ته شهرين طرفان جلسي، جلوسن ۽ موسيقي جي پروگرام تي لڳل پابندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي قانوني
ڪارروائي ڪئي ويندي.واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ضلعي انتظاميا موجب
ڪورونا وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي سڄي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنھن تي
عملدارآمد نہ ڪرڻ وارن خلاف ضابطي جي ڪارروائي ڪئي ويندي.
3/24/2020
ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو: ڊيرہ اسماعيل خان
Tags
خيبرپختونخواھ#
Share This

About ويب ڊيسڪ
Labels:
خيبرپختونخواھ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment