تازہ ترين

3/24/2020

ٻن هفتن جي لاءِ لاڪ ڊائون جو فيصلو: بلوچستان حڪومت

 ٻن هفتن جي لاءِ لاڪ ڊائون جو فيصلو: بلوچستان حڪومت

ڪوئٽہ:  ڪرونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ  سڄي صوبي ۾ 2 هفتن جي لاءِ لاڪ ڊائون جو فيصلو. بلوچستان جي حڪومت حفاظتي قدمن تحت ڪوئٽہ ۽ سڄي صوبي ۾ شهرين جي ڪنهن بہ قسم جي چرپر، مذهبي ۽ سماجي سرگرمين سميت هر قسم جي تقريبن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.ان کان علاوه سموريون عوامي ۽ خانگي آفيسون به 2 هفتن جي لاءِ بند رهنديون پر ضروري سروس جي حامل ماڻهن کي هن پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي.  گهرو  کاتي  پاران جاري ڪيل بيان موجب صوبائي حڪومت ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ 2 هفتن جي لاءِ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪندي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

No comments:

Post a Comment

Post Top Ad

Your Ad Spot